ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، واپاري کان ڦر ٿيل ڪار هٿ ڪري ورتي

سنڌي خبرون 30th Jun 2025 235 مناظر
ملير: اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، واپاري کان ڦر ٿيل ڪار هٿ ڪري ورتي
ملير (رپورٽر) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گھگھر سسئي پل تي ڦر جو واقعو پيش آيو جتي ٽن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن نجي فيڪٽري جي مئنيجر ڪار سوار واپاري ديوان لڪيش کي يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻائي 5 لک رپيا روڪ رقم ۽ سندس ڪار ڦر ڪري فرار ٿي ويا. متاثر واپاري ديوان لڪيش واقعي کان پوءِ فوري طور اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پهچي پوليس کي آگاهي ڏني ان موقعي تي لڪيش جو چوڻ هو ته ڦورن ڦر بعد سندس مزاحمت تي کيس بي رحماڻو تشدد جو نشانو بڻايو.پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه آئي آهي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڦريل ڪار هٿ ڪئي آهي.واردات واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري فضا ڇانيل آهي، جڏهن ته علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري تحفظ جا اثرائتا قدم کنيا وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ