ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 16th Apr 2025 373 مناظر
ڪراچي مان اغوا ڄاڻايل ناري خيرپور واسي سئوٽ سان پرڻو ڪري ڇڏيو

ڪراچي جي قائدآباد واري علائقي مان اغوا ڄاڻايل وائبه لاشاري مڙس سان گڏ خيرپور پريس ڪلب پهتي

خيرپور(ڊ ر) ڪراچي جي علائقي قائد آباد مان مبينا اغوا ڄاڻايل نوجوان ناري مسمات وائبه ڌيءَ نادر علي لاشاري خيرپور جي رهواسي سئوٽ محمد اعظم ولد فيض احمد لاشاري سان عدالتي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو بعد ۾ ناري مڙس سان گڏ پنهنجي والد نادر علي لاشاري، والده مسمات صائمه، ڀاءُ ذيشان علي لاشاري، مامي شهباز لاشاري ۽ چاچي خالد لاشاري طرفان ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪارنهن الزام مڙهي مارڻ جي ڌمڪين خلاف صحافين آڏو احتجاج ڪيو ھن ٻڌايو ته هن پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق محمد اعظم لاشاري سان عدالتي پرڻو ڪيو آهي. جنهن تي ناراض ٿي مائٽ مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن ڪري سندن جي زندگين کي خطرو آهي. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ