پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

مٺياڻي ۾ قتل ٿيل زاھد دونگھھ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نوشھروفيروز ۾ احتجاج

سنڌي خبرون 05th Oct 2023 104 مناظر

مقتول جي وارثن شاھد دونگھ، بچل تارڙ، شمن تارڙ، قاسم دونگھ، سڄڻ کوسو ۽ ٻين احتجاج ڪيو

نوشهروفيروز(د ر) ڪجھ ڏينھن اڳ مٺياڻي ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل زاھد دونگھ جا قاتل گرفتار نه ٿين خلاف احتجاج ڪيو ويو. مقتول جي وارثن پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن شاھد دونگھ، بچل تارڙ، شمن تارڙ، قاسم دونگھ، سڄڻ کوسو ۽ ٻين چيو ته زاھد دونگھ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ قتل جا جوابدار سرعام گھمي رھيا آھن. پر مٺياڻي پوليس جوابدار گرفتار نه ڪري سگھي آھي جيڪي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھنن چيو ته مقتول زاھد دونگھ جي ڪيس ۾ گھربل جوابدارن خادم لوڊو، صفر، ابراهيم ۽ ساجن لوڊو کي گرفتار ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ