ڀارتي سيڪيورٽي فورسز سجاول جي مھاڻي کي کنڀي کڻي وئي
ڀارتي فورسز مهاڻي خميسو ملاح کي ٻيڙي سميت گرفتار ڪري ورتو
سجاول (رپوٽر) ڀارتي سڪيورٽي فورسز سجاول جي مھاڻن جي ٻيڙي تي چڙهائي ڪري هڪ مھاڻي کي گرفتار ڪري ورتو. ڀارت ۾ گرفتار مھاڻن جو انگ 41 ٿي ويو آهي. ڀارتي سڪيورٽي فورسز سجاول جي علائقي سير ڪريڪ ۾ مڇي جو شڪار ڪرڻ دوران ڳوٺ آگيڏنو شاهه جي مھاڻن جي ٻيڙي تي چڙهائي ڪري هڪ مهاڻي خميسو ولد صادق ملاح کي ٻيڙي سميت گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻين 8 مهاڻن سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي گرفتاري کان پاڻ کي بچائي ورتو. جن مان ڇھ مھاڻا ٻين ٻيڙين ۾ سوار ٿي ڳوٺ پھچي ويا آھن ان حوالي سان فشر فوڪ جي اڳواڻ نور محمد ٿهيم جو چوڻ آهي ته سمنڊ بابت گڏيل قومن جي قانون جي آرٽيڪل 73 موجب مھاڻن کي گرفتار ڪرڻ ۽ ٻيڙيون ضبط ڪرڻ غير قانوني آهي پر ڀارتي ۽ پاڪستاني حڪومتون ان تي عمل نہ ڪري رهيون آهن ۽ ٻئي ملڪ مھاڻن کي گرفتار ڪن ٿا. هن چيو ته گرفتار ٿيل مھاڻن کي انسانيت جي بنياد تي آزاد ڪيو وڃي.