پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

ابراهيم حيدري ۾ هوٽل ملازم کان ڦر جي ڪوشش، هڪ جوابدار سوگهو

سنڌي خبرون 13th Jun 2025 148 مناظر
ابراهيم حيدري ۾ هوٽل ملازم کان ڦر جي ڪوشش، هڪ جوابدار سوگهو
ملير (رپورٽر) ابراهيم حيدري ۾ نجي هوٽل جي ملازم سليمان ڪڇي کان ڦر جي ڪوشش ان وقت ناڪام بڻجي وئي جڏهن علائقي واسين هڪ ڦورو کي ڦر دوران پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جوابدار جا سندس ٽي ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پوليس اطلاع موجب سليمان ڪڇي، ڪراچي جي نجي هوٽل ۾ ڪم ڪندو آهي آغا خان اسپتال کان گذريل ڏينهن بينڪ مان اڍائي لک رُپيا ڪيش ڪڍرائي پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته رستي ۾ هڪ شڪي شخص کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. سليمان ڪڇي موجب، علائقي واسين وقت سر پهچي سندس مدد ڪئي ۽ حملو ڪندڙ جوابدار کي پڪڙي ورتو، جنهن کي بعد ۾ ابراهيم حيدري پوليس حوالي ڪيو ويو.پوليس موجب پڪڙيل جوابدار جو نالو شريف زاده ولد مان شريف ٻڌايو پيو وڃي، جنهن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي، جيڪي واردات کان پوءِ فرار ٿي ويا، انهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هڻي پيا وڃن پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي واسين جي مدد سان وڏي واردات ٿيڻ کان بچي وئي، ۽ جلد ٻين مفرور جوابدارن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ