بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير ۾ ملڪ رياض کي زمين وڪڻڻ کان انڪار ڪندڙ بهادر ڪردار فيض محمد گبول جي ورسي اڄ ملهائي ويندي

سنڌي خبرون 04th Feb 2025 196 مناظر
ملير ۾ ملڪ رياض کي زمين وڪڻڻ کان انڪار ڪندڙ بهادر ڪردار فيض محمد گبول جي ورسي اڄ ملهائي ويندي

عوامي پريس ڪلب ملير پاران رزاق آباد ۾ فيض محمد گبول جي ورسي تقريب جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪيا ويا

ملير(عبدالرشيد مورجھريو) زمين کي ماء جو درجو ڏئي بحريا ٽائون جي مالڪ کي زمين وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ سنڌ ملير جي بهادر ڪردار فيض محمد گبول جي 7هين ورسي اڄ ملير ۾ ملھائي ويندي ورسي جاانتظام عوامي پريس ڪلب ملير پاران رزاق آباد ۾ مڪمل، سياسي سماجي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن جي شرڪت جو بندو بست ڪيو ويو تفصيل موجب عوامي پريس ڪلب ملير طرفان رزاق آباد ۾ سنڌ ملير جي تاريخي ڪردار زمين کي ماء جو درجو ڏئي بحريا ٽائون جي مالڪ کي زمين وڪرو ڪرڻ کان انڪار ڪندڙ فيض محمد گبول جي 7هين ورسي اڄ رزاق آباد ملير ۾ ملھائي ويندي جنهن جا سمورس انتظام مڪمل ڪيا ويا آھن ورسي ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت سوين ماڻهن جي شرڪت جو بندو بست ڪيو ويو عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سامي ميمڻ عنايت شاھ جمشيد زھراڻي سجاد شاھ ۽ ٻين سمورن ساڃاوندن کي شرڪت جي اپيل ڪئي آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ