منگل، 27 اکتوبر 2026
بریکنگ

شڪارپور بچايو تحريڪ جي عهديدارن جي ڊي سي الطاف چاچڙ سان ملاقات

سنڌي خبرون 05th Dec 2023 414 مناظر

شڪارپور بچايو تحريڪ جي عهديدارن جي ڊي سي الطاف چاچڙ سان ملاقات

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ جي عهديدارن جو وفد چيئرمين الاھي بخش شيخ وائيس چيئرمين علي احمد ٻرڙو ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب ڪاغذي جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور الطاف احمد چاچڙ سان سندس جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي وئي جتي شڪارپور جي اھم مسئلن سماجي اشوز ۽ اسپورٽس ويڪ ڪرائڻ لاءِ ڳالھ ٻولھ پڻ ڪئي وئي جڏهن ته لکت ۾ چارٽر آف ڊمانڊس پيش ڪيو ويو ڊپٽي ڪمشنر الطاف چاچڙ پاران شڪارپور بچايو تحريڪ جي وفد کي يقين ڏياريندي چيو ته انشاءالله اوھان سان گڏجي شڪارپور شھر جي اشوز ، مسئلن معاملن جي حل ڪرڻ سميت اسپورٽس ويڪ ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ