پیر، 12 اکتوبر 2026
بریکنگ

پيٽرول سستو ٿيڻ باوجود گاڏين جا ڪرايا گھٽ ناھن ٿيا: اياز لطيف پليجو

سنڌي خبرون 18th May 2023 75 مناظر

فوري طور تي مسافر ۽ گڊس ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گھٽايا وڃن، حڪومت سختي سان عمل ڪرائي

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پيٽرول جون قيمتون گھٽ ٿيڻ باوجود گاڏين جا ڪرايا گھٽ ناھن ٿيا. فوري طور تي مسافر ۽ گڊس ٽرانسپورٽ جا ڪرايا گھٽايا وڃن. حڪومت ان تي سختي سان عمل ڪرائي. جڏھن بہ پيٽروليم جون قيمتون وڌيون آھن تہ گاڏين جي ڪراين ۾ ھڪدم واڌ ڪئي وڃي ٿو، جنھن ڪري مارڪيٽ ۾ ھر شئي مھانگي ٿي وڃي ٿي. کاڌ خوراڪ، ڪپڙي سميت مارڪيٽ ۾ مھانگائي جو طوفان اچي وڃي ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام مھانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي. ٻہ وقت جي ماني بہ غريب عوام جي پھچ کان پري ٿي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيٽروليم قيمتن ۾ گھٽتائي جو فائدو بہ عوام کي ٿيڻ گھرجي. ان لاء ٽرانسپورٽرن کي رضاڪارانہ ڪرايا گھٽ ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ گئيس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ جي ڪري ماڻھو سخت پريشان آھن. سئي سدرن گيس ڪمپني کي ناجائز لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ گھرجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ