اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم جا اڳواڻ مبينا آپگھات ڪندڙ خديجا نصرت جي وارثن وٽ پھتا

سنڌي خبرون 21st Apr 2024 293 مناظر

نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم جا اڳواڻ مبينا آپگھات ڪندڙ خديجا نصرت جي وارثن وٽ پھتا

هالا (رپورٽر) معذورن جي نمائندا تنظيم نيشنل ڊس ايبلٽي اينڊ ڊولپمينٽ فورم پاڪستان جي صدر عابد لاشاري، پروجيڪٽ مينيجر طارق علي چنڙ ۽ معذورن جي لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌ جي نالي واري سماجي اڳواڻ سلمان علي لغاري هالا ۾ ڪجھ ڏينھن اڳ خودڪشي ڪندڙ معذور نياڻي خديجہ نصرت جي وارثن وٽ پهچي تعزيت ڪئي ان موقعي تي اين ڊي ايف جي مرڪزي صدر عابد علي لاشاري وارثن کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو تہ نياڻي جي خودڪشي واري واقعي جي صاف شفاف انڪوائري ڪئي وڃي ۽ وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ان موقعي تي عابد علي لاشاري جو چوڻ هو تہ سنڌ حڪومت کي معذورن جي تضحیڪ کي روڪڻ لاءِ جامع قانون سازي ڪرڻ گهرجي تہ جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن کي روڪي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ