بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

پيپلز پارٽي ٿرپارڪر مان چونڊيل ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پ پ ميرپورخاص ڊويزن جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 20th Aug 2025 335 مناظر
پيپلز پارٽي ٿرپارڪر مان چونڊيل  ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پ پ ميرپورخاص ڊويزن جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو

هن 2024 جي چونڊن ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم کي شڪست ڏني هئي

مٺي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ٿرپارڪر مان چونڊيل ايم اين اي ڊاڪٽر مهیش ملاني کي ميرپورخاص ڊويزن جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آھي. ڊاڪٽر مهيش ملاڻي انهي کان اڳ ميرپورخاص ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر مهيش ملاڻي پاڪستان جو پهريون اقليتي ايم اين اي آهي جيڪو جنرل سيٽ تي اليڪشن وڙھي ٻه ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو آهي جڏھن ته 2013 جي اليڪشن ۾ صوبائي تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪندڙ پهريون اقليتي ايم پي اي رهيو آھي. 2024 جي چونڊن ۾ هن سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم کي شڪست ڏني جڏھن انهي کان اڳ هن اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز سان ٿرپارڪر مان مقابلو ڪيو. هن وقت هو قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي براءِ نيشنل هيلٿ سروسز جو چيئرمين پڻ آهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ