جمعہ، 09 اکتوبر 2026
بریکنگ

ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي شڪايت تي اين ايڇ اي اسلام آباد جا عملدار ٺٽي پهتا

سنڌي خبرون 14th Jan 2025 263 مناظر
ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي جي شڪايت تي اين ايڇ اي اسلام آباد جا عملدار ٺٽي پهتا

اين ايڇ اي اسلام آباد جي عملدارن سيد اياز علي شاهه شيرازي سان گڏ ٺٽي کان ڪينجهر تائين روڊ جي ڪم جو جائزو ورتو

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو ايم اين اي ميمبر اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ سيد اياز علي شاهه شيرازي جي شڪايت تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اسلام آباد جي عملدارن سيد اياز علي شاهه شيرازي سان گڏ ٺٽي کان ڪينجھر تائين مرمت ٿيل روڊ جي ڪم جو جائزو ورتو ۽ مختلف جڳهن تان روڊ جا سيمپل ورتا ان موقعي تي سيد اياز علي شاهه شيرازي عملدارن تي زور ڀريو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي معيار مطابق ڪم ڪيو وڃي ۽ جن جڳھن تي صحيح ڪم ٿيل نه آھي ان کي فورن صحيح طريقي سان ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ھن وقت روڊ تي ٽرئفڪ جو اضافي لوڊ ھئڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن ميٽنگ دوران عملدارن ٻڌايو ته ڳاڙھو کان ڪيٽي بندر روڊ جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي جڏھن ته نئون بارڻ جي نئين پل جو ڪم پڻ جون 2025 تائين شروع ٿي ويندو ان موقعي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ، جي ايم اسلام آباد جي ايم سنڌ سميت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جا ڊئريڪٽر پڻ موجود ھئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ