جمعہ، 02 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان 27هين ترميم خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 21st Nov 2025 188 مناظر
ڏوڪري ۾ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان طرفان 27هين ترميم خلاف احتجاج
ڏوڪري (اطهر ميمڻ) ڏوڪريءَ ۾ تحريڪ تحفظ ائين پاڪستان طرفان مرڪزي سڏ تي ايس يو پي، جي يو آئي، مجلس وحدت المسلمین، شيعه علماءِ ڪائونسل ۽ ٻين تنظيمن جي طرفان ڪارو ڏينهن ملهايو ويو.ايڊووڪيت امداد جويو، امان الله جھتيال، امين ٻٽ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي. انهي موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته 26 ۽ 27 آئيني ترميم جي نالي ۾ ملڪ جي مٿان سول مارشل لا نافط ڪئي وئي آهي،جنهن کي ڪوبه جمھوريت ۽ امن پسند شهري ڪنهن به قيمت ۾ تسليم نه ڪندو. ستر سالن کان وٺي ملڪ ۾ آئين جمهوريت جي نالي تي تماشو ھلي رھيو آھي جنھن کي ختم ڪيو وڃي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ