جمعہ، 30 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ۾ سائوٿ سٽي ھونڊا شو روم جي مالڪ پاران ثقافتي تقريب منعقد

سنڌي خبرون 03rd Dec 2023 116 مناظر

نوشھروفيروز ۾ سائوٿ سٽي ھونڊا شو روم جي مالڪ پاران ثقافتي تقريب منعقد

نوشھروفيروز(ڊ ر) سائوٿ سٽي هنڊا شورو نوشھروفيروزطرفان 3 ڊسمبر ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو۔ ان موقعي تي سائوٿ سٽي هنڊا شوروم جي مالڪ عبدالشڪور عباسي۔ عزيزالله سومرو۔ اويس علي ڦل۔ فراز احمد۔ صحافي يونس راڄپر۔ مشتاق مري۔ ارشاد عباسي۔ جميل احمد راڄپر۔ پاران ڪيڪ ڪاٽي تقريب جو باقائده آغاز ڪيو ويو۔ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاء شھرين تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته نوجوان قومي گيتن تي رقص ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔ ان موقعي تي سائوٿ سٽي هنڊا شوروم جي مالڪ عبدالشڪور عباسي سميت آيل مهمانن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڏ جي ثقافت اسان جي دلين ۾ سمايل آھي ان ڪري پنهنجي ثقافت کي ڀرپور ملهائڻ لاء سائوٿ هنڊا سٽي طرفان اهتتام ڪيو ويو آھي ڇاڪاڻ ته هنڊا سٽي به سنڌ واسين سان محبت جي اظهار لاء ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهائي رهي آھي۔ اڄوڪو ڏينهن خوشين جو ڏينهن آھي اڄ جو ڏينهن نفرتن کي وساري محبتون ورهائڻ جو ڏينهن آھي اسان هنڊا شوروم طرفان سنڌ واسين کي مبارڪ پيش ڪيون ٿا۔ ان موقعي تي سائوٿ سٽي هنڊا شوروم جي مالڪ عبدالشڪور عباسي طرفان آيل مهمانن کي سنڌ جي سوکڙي ٽوپي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ