بدھ، 14 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڏوڪري ۾ ڳوٺ ٻٽڙا واسين جو فتع پور پوليس خلاف احتجاج

سنڌي خبرون 14th Apr 2025 150 مناظر
ڏوڪري ۾ ڳوٺ ٻٽڙا واسين جو فتع پور پوليس خلاف احتجاج

ڪجهه ڏينهن اڳ بااثرن حملو ڪري عرفان لورو کي زخمي ڪيو: مظاهرين

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ ٻٽڙا جي رھواسين جو فتع پور پوليس خلاف احتجاج ڪيو آهي. ڳوٺ ٻٽڙا جي رهواسين ضمير لورو، عرفان، رستم لورو ڏوڪري پريس ڪلب ۾ فتع پور پوليس خلاف احتجاج ڪيو آهي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ اختر، اڪبر، سليم، وقار، فيروز لورو اسان جي مٿان حملو ڪري عرفان لورو کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. هنن چيو ته فتع پور پوليس بااثرن جي پٺ ڀرائي ڪري جوابدار گرفتار ناهي ڪري نه ئي ڪيس داخل ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اختر، اڪبر، سليم، وقار ۽ فيروز ڏوهاري قسم جا ماڻهو آهن ۽موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جوابدارن مان جان جو خطرو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بنا دير ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ وڌيڪ احتجاج ڪيو ويندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ