منگل، 06 اکتوبر 2026
بریکنگ

مورو ۾ جوابدار ملڪيت جي تڪرار تان پنهنجي ويڳي ماءُ ۽ سندس ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ دڪاندار مرڻينگ

سنڌي خبرون 23rd Oct 2024 386 مناظر
مورو ۾ جوابدار ملڪيت جي تڪرار تان پنهنجي ويڳي ماءُ ۽ سندس ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ دڪاندار مرڻينگ

ساجده زال غلام سرور ڀٽي ڀاءُ سان گڏ عدالت مان واپس وڃي رهي هئي ته کين قتل ڪيو ويو: پوليس

مورو ۾ جوابدار ملڪيت جي تڪرار تان پنهنجي ويڳي ماءُ ۽ سندس ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ دڪاندار مرڻينگ، جوابدار راشد ڀٽي فائرنگ ڪري پنهنجي ويڳي ماءُ ساجده زال غلام سرور ڀٽي ۽ ان جي ڀاءُ وحيد سابقي کي قتل ڪري ڇڏيو،

جوابدار جي فائرنگ ۾ دڪاندار سرور رحماني زخمي ٿي پيو، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري رپيٽر ۽ موٽرسائيڪل تحويل ۾ وٺي ڇڏي،

جوابدار ۽ سندس ويڳي ماءُ ۾ ملڪيت جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو، اڄ ساجده پنهنجي ڀاءُ سان گڏ موٽرسائيڪل تي عدالت کان واپس وڃي رهي هئي ته کيس قتل ڪيو ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ