جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽو عوامي پريس ڪلب جي صحافين پاران سال جي آخري سج کي الوداع

سنڌي خبرون 31st Dec 2023 150 مناظر

ٺٽو عوامي پريس ڪلب جي صحافين پاران سال جي آخري سج کي الوداع

ٺٽو(شفيق ڀٽي) عوامي پريس ڪلب ٺٽي جا قلمڪار سال 2023 جي پڄاڻي تي ڄام نظام الدين جي مقبري تي پھچي نئي سال جي لاءدعائي خير گھري تنھن موقعي تي عوامي پريس ڪلب جي ترجمان بلاول سمون پنھنجي بيان ۾ چيو ته اسان بنا ڪنھن فرق جي عوام جي خدمت ڪئي آھي ۽ خدمت ڪندا رھنداسين اسان جا در غريب ۽ مسڪينن لا۽ ھمييشه کھليل آھين عوام جي خدمت ۾ وڌيڪ ڌيان پائڻ لاء ھينئر اليڪشن جي ميدان ۾ به پير پائي ڇڏيو آ اميد ته سٺي موٽ ملندي ان موقعي تي اي بي شورو عبيد جماري الطاف ناريجو ڪامريڊ زاھد امير جوکيو ۽ ٻين پڻ پنھنجي راء ڏني ۽ عوامي پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري اي بي شورو جي بھتر ڪارڪردگي جي حوالي سان محبتون ارپيندي مان ڏنو ته اي بي شورو به بنا ڪنھن فرق جي عوام جي خدمت ڪندو آھي ۽ مظلوم عوام جو دربان ٿيڻ تي انھن جودعائون ساڻس گڏ آھن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ