منگل، 06 اکتوبر 2026
بریکنگ

ناٺي پوليس ڪانسٽيبل مان خطرو آهي: علي نواز سيال

سنڌي خبرون 10th Dec 2024 185 مناظر
ناٺي پوليس ڪانسٽيبل مان خطرو آهي: علي نواز سيال

ناٺي شهاب ڏاوڇ منشيات واپرائيندو آهي ۽ پنهنجي زال کي مارڪٽ ڪندو هو

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) مڪلي سوسائٽي جي رھائشي رٽائر پوليس جماندار علي نواز سيال عوامي پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ سندس ناٺي پوليس ڪانسٽيبل شھاب ڏاوچ مان سندس خاندان کي خطرو آھي، ھن چيو تہ ھي ھڪ موالي ۽ لوفر ٽائيپ جو ماڻھون آھي، منھنجي پڙھيل لکيل نياڻي کي ٺرو ۽ آئيس پي روز مارڪٽ ڪندو ھو کيس سخت تشدد جو نشانو بنائيندو ھو جو آخر ڪار مجبور ٿي منھنجي نياڻي فيملي ڪورٽ ۾ خلع لا درخواست ڏني آھي جو ان کان پو ھي مڇرجي اسان تي حملہ ڪري رھيو آھي،ھن چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ ھن منھنجي گھر تي ھٿياربند وٺي حملو ڪرايو ۽ ان پو منھنجي نياڻي کي اسڪول ويندي رستي ۾ روڪي مارڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي زماڻھن وچ ۾ پئي ڇڏايو،جنھن کان پو ھو ھرروز ڌمڪيون ڏيئي رھيو آھي تہ اوھان جي سڄي خاندان کي ماريندس،علي نواز سيال ايس ايس پي ٺٽو ۽ ڊي آئي جي حيدرآہاد کان تحفظ ۽ شھاب ڏاوچ تي قانوني ڪاروائي جي گھر ڪئي آھي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ