بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

موھن جو دڙو ڀرسان مشھور ملھھ پھلان غلام سرور چنو جي ورسي تي ملاکڙو

سنڌي خبرون 12th Dec 2023 313 مناظر

موھن جو دڙو ڀرسان مشھور ملھھ پھلان غلام سرور چنو جي ورسي تي ملاکڙو

موهن جو دڙو(رپورٽر) موهن جو دڙو ڀرسان چنا پل وٽان مشهور پهلوان مرحوم غلام سرور چنو جي 21 ورسي جي موقعي تي پهلوان جي پٽ نواب چنو طرفان ميلو لڳرايو ويو. جنهن جي شروعات واري ڏينهن تي زبردست ملاکڙو ٿيو. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان 50 کان وڌيڪ ملهہ پهلوانن ملاکڙي ۾ حصو ورتو. پهلوانن ۾ نويد بلوچ، رحمان ڪوش، فداحسين چنو، طالب شيخ، راجا شر،معشوق جمالي ، عُشاق سولنگي سميت 50 ملهہ پهلوانن حصو ورتو. ان موقعي تي پهرين، ٻي ۽ ٽين جوڙ جي پهلوانن ميدان ماري داد ورتو. هوڏانهن ملهہ دوران ڌڪ لڳڻ سبب ڪيترائي پهلوان غش ٿي ويا جن کي ساٿي پهلونن مالشون ڪري سامت ۾ آندو. ملاکڙي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ پهلوانن کي انعام ڏنا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ