پیر، 12 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ويجهو نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

سنڌي خبرون 15th Jul 2025 201 مناظر
نوشهروفيروز ويجهو نوجوان مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو

ڳوٺ طالب سولنگي ۾ فهيم سولنگي جو قبرستان مان ڦاهو لڳل لاش مليو

نوشهروفيروز(ڊ ر) نوشهروفيروز جي ڳوٺ طالب سولنگي جي رهواسي نوجوان فھیم سولنگی گهرو اڻبڻت تان ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي نوجوان ڪجهه ڏينهن کان پريشان هو ۽ گهر ۾ غربت جو راڪاس هيو جنهن تان گهر مان رسو کڻي ڀرسان قبرستان ۾ وڻ سان ٻڌي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي جنھن جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي راهگيرن ٿاڻي تي اطلاع ڏنو قانوني ڪارروائي کانپوءِ نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ