منگل، 06 اکتوبر 2026
بریکنگ

جنگشاھي جي ڪوھستاني علائقي اسحاق کوھ جوکيه ھالٽ جو مين رستو تباھ حال بڻيل

سنڌي خبرون 25th Dec 2025 306 مناظر
جنگشاھي جي ڪوھستاني علائقي اسحاق کوھ جوکيه ھالٽ  جو مين رستو تباھ حال بڻيل
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جنگشاھي جي ڪوھستاني علائقي اسحاق کوھ جوکيه ھالٽ جو مين رستو ڪيتري ئي عرصي کان تباھ حال بنيل، ڳوٺاڻن جون صحافين سان ڳالھيون. تفصيل مطابق جنگشاھي ڪوھستان جي 7/4 جي علائقي اسحاق کوھ رنپٺياڻي طرف ويندڙ رستو ويھ سال گذرڻ باوجود نه ٺھڻ خلاف رھواسي دانھون ڪرڻ لڳا، ھنن چيو ته چونڊيل نمائيندن به اسان کي مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو آ اسان کي وڏيون تڪليفون ڪٽڻيون پون ٿيوھنن مطابق تہ ھنن ڪيترائي دفعا شوشل ميڊيا پرنٽ ميڊيا وسيلي ھن مسئلي کي اجاگر ڪيو آھي پر ڪنھن به سار نه لڌي يا نوٽيس نه ورتو آھي. ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ آھي تہ بيماري دوران مريضن لاء اگر ڪنھن سواري کي گھرايون ٿا ته روڊ جي حالت جي حساب سان ٻيڻا ڪرايا ٻڌايا ٿا وڃن اھڙن خيالن جو اظھار ڪامريڊ شفيق جوکيو مظفر عالم جوکيو ماما اسماعيل جوکيو تراب علي جوکيو خيرو جوکيو ۽ عالم جوکيو صحافين اڳيان دانھيندي ڪيو. ھنن مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته خداره لاڳاپيل اداره فورن نوٽيس وٺن ۽ اسان جي ڳوٺ جو ھي روڊ ٺھرائي ڏنو وڃي. ھنن چيو تہ منٽن جي سفر کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٿيو وڃن انھي ڪري چار پنج ڪلو ميٽرن جو ھي روڊ جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ