پیر، 23 نومبر 2026
بریکنگ

نوشھروفيروز ضلعي ۾ نوجوان سياستدان جي انٽري نواڻ جي اميد

آرٽيڪلز/ کالمز 23rd Nov 2026 36 مناظر
نوشھروفيروز ضلعي ۾ نوجوان سياستدان جي انٽري نواڻ جي اميد
زندگي ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جيڪي پنهنجي خانداني سڃاڻپ سان گڏ پنهنجي عمل ڪردار ۽ عوام سان لاڳاپن ذريعي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪنديون آهن سيد محمد عاقل شاهه به انهن نوجوان سياسي شخصيتن مان هڪ آهي جيڪو پنهنجي سياسي سفر ۾ عوام سان رابطن ۽ سماجي زميوايون کي اھميت ڏئي ٿو ،
سنڌ جي تواريخي شھر ھالاڻي جنھن تاريخي انسانن کي جنم ڏنو برصغير جو لڪياري سادات گھراڻو جيڪو وڏو مقام رکي ٿو ، ساھتي جي معبتر ۽ عظيم شخصيت ننڊ کنڊ جي مفتي اعظم سيد محمد عاقل شاھ لڪياري رح جي خاندان ۾ وڏا عالم دين بزرگن اوليائن ۽ ملڪي سطح جي سياستدان جنم ورتو آھي جيڪي ھميشه سنڌ ڌرتي سان گڏ بيٺا رھيا آھن انھي خاندان جو قداور نوجوان سيد محمد عاقل شاھ 24 نومبر 1999ع ۾ سيد سيد ابرار علي شاھ جي حويلي ۾ جنم ورتو ، ھن جي جنم کانپوء ھالاڻي جا ڀاڳ کوليا ، وڏي ٽائيم کان پوء سندس گھراڻو اقتدار ۾ پھتو ھو پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي پير آف ھالاڻي سيد ابرار علي شاھ پنھنجي موڀي پٽ تي پنھنجي پيء ۽ ڏاڏي جو نالو سيد محمد عاقل شاھ تي رکيو ، انھي نالي کي سنڌ سميت برصغير ۾ وڏي عزت احترام سان سڏيو ويندو آھي ، انھي نالي جو ڀرم سيد محمد عاقل شاھ سٺي انداز سان نڀائي رھيو آھي ، سيد محمد عاقل شاھ جو تعلق سياست سان گڏوگڏ مذھبي گھراڻي سان آھي ، سيد محمد عاقل شاھ جو والد پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي سيد ابرار علي شاھ جيڪو ٻه ڀيرا قومي اسمبيلي جو ميمبر رھي چڪو آھي ۽ پاڪستان جي سياست ۾ وڏو نالو آھي سيد محمد عاقل شاھ پنھنجي سياست جي شروعات پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي نوشھرو فيروز جي ضلعي نائب صدر کان ڪئي انھي کانپوء ضلعي ۾ سرگرم اڳواڻ طور اڀريو مرڪزي قيادت پاران سيد محمد عاقل شاھ کي تعلقي محرابپور لاء صدر مقرر ڪيو ويو آھي
پارٽي پروگرامن ۽ سماجي ڪمن ڪارن ۾ اڳڀرو نظر اچي پيو علائقي جي ماڻھن جو سھارو بڻيو آھي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ، پ پ پ چيئرمين بلال ڀٽو زرداري ، ادي فريال ٽالپر ، صوبائي وزار ضيا حسن لنجار سان ويجھڙائي ھجڻ ڪري ضلعي ۾ طاقتوار شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ پارٽي ۾ وڏي اھميت حاصل اٿس ، تعلقي محرابپور جي صدر ھئڻ ناتي وڏيون اسڪيمون پارٽي کان ورتيون ڪيترن ئي ڳوٺ کي لائيٽ ڏئي ڪري ڳوٺن کي روشن ڪيو ضلعي جو سڀ کان غريب ڳوٺ جنھن کي گداگرن جو ڳوٺ جوڳين وارو سڏيو ويندو آھي ان ڳوٺ ۾ بينظير بستي قائم ڪري انھن غريبن کي گھر ڏئي ڪري تاريخي رقم ادا ڪئي ، ننڊي عمر ۾ ئي وڏو حوصلو رکندڙ جبلن کان به وڏا ارادا رکندڙ سيد محمد عاقل شاھ به انھن بھادر انسانن مان آھي جن ھميشه عوام لاء اڳيان ٿي ڪري عوامي مفاد ۽ سماج خاطر پنھنجي زندگي وقف ڪن ٿا ،
انھن جي ڪردار جي ساراه تاريخ جي انھن ورقن ۾ سمائجي وڃي ٿي جن کي اڄ به اسان بھترين لفظن ۾ ياد ڪيون ٿا ۽ انھن کي ڀيٺا پڻ پيش ڪيون ٿا ، 30 سالا سيد محمد عاقل شاھ پنھنجي والد ايم اين اي پير آف ھالاڻي سيد ابرار علي شاھ جو ڏکي مھل جو اھو ساٿي پڻ آھي جنھن سدائين پنھنجي والد جي پريشانين ۽ مصيبتن مشڪلن کي کلندي دور ڪيو آھي ، ھي سھڻو گھڻ رخي شخصيت آھي برادري توڙي پاڙي وارن لاء مسياح وارو ڪردار آھي ھر رشتي کان الڳ ٿي ڪري پھريان انسانيت کي اھميت ڏيندو آھي ، اھڙا نوجوان سنڌ جي سٺي مستقبل جي زمانت ڏيندا آھن جيڪي پنھنجي آنا کي ختم ڪري علائقي جي ڀلائي لاء سوچيندا آھن ۽ غريب بيوس لاچار ماڻھن جو آواز بڻجي ھن نوجوان جي سياسي تربيت ۾ لاھ چاڙھا به تمام گھڻا آيا آھن سندس تربيت ۾ ڪس کائڻ ۽ نياز نوڙت ۽ پنھنجائپ وارو ڪردار ادا ڪندڙ آھي سيد محمد عاقل شاهه، پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي محرابپور جو صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد ابرار علي شاهه جو وڏو فرزند آهي سياسي ۽ سماجي ماحول ۾ اک کوليندڙ سيد محمد عاقل شاهه کي ننڍپڻ کان ئي عوامي معاملن، سياسي سرگرمين ۽ علائقي جي مسئلن کي ويجهڙائي سان ڏسڻ جو موقعو مليو آهي
سندس سياسي سرگرمين جو هڪ اهم پهلو عوام سان سڌو رابطو آهي علائقي ۾ ڪنهن جي خوشي هجي يا غمي، ڪنهن گهر ۾ فوتگي ٿئي يا ڪنهن خاندان تي ڏکيو وقت اچي سيد محمد عاقل شاهه اتي پهچي وارثن سان ڏک ونڊڻ کي پنهنجي سماجي ذميواري سمجهي ٿو خاص طور تي موتي فوتگي جي موقعن تي تڏي تي پهچي پونئيرن سان تعزيت ڪرڻ سندس عوامي رابطن جو هڪ لاجواب ڪردار آھي سياست رڳو عهدن، جلسن ۽ تقريرن جو نالو ناهي پر اها ماڻهن جي ڏکن سکن ۾ شريڪ ٿيڻ، سندن مسئلا ٻڌڻ ۽ عوام سان پنهنجا لاڳاپا برقرار رکڻ جو نالو پڻ آهي سيد محمد عاقل شاهه پنهنجي سياسي مصروفيتن سان گڏ علائقي جي ماڻهن سان رابطن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي
پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي محرابپور جي صدر جي حيثيت سان سندس ذميواريون به اهم آهن سياسي ڪارڪنن سان رابطي پارٽي معاملن ۾ شرڪت ۽ تنظيمي سرگرمين ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سندس موجوده سياسي سفر جو حصو آهن
سيد ابرار علي شاهه جهڙي سياسي شخصيت جو وڏو فرزند هجڻ يقينن هڪ خانداني سڃاڻپ آهي پر ڪنهن به نوجوان لاءِ پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ جو اصل رستو سندس پنهنجي عمل پنھنجي رويو ۽ عوام سان ڪيل ورتاءُ تي هوندو آهي. اميد آهي ته سيد محمد عاقل شاهه به پنهنجي سياسي ۽ سماجي سفر کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندو ۽ عوامي خدمت کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکندو
اڄ سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي دعا آهي ته الله پاڪ کيس صحت، سلامتي، عزت، ڪاميابي ۽ وڏي ڄمار عطا فرمائي. سندس زندگيءَ جو ايندڙ سفر عوامي خدمت، محبت ڀائيچاري ۽ انسانيت جي ڀلائيءَ سان ڀرپور هجي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ