پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

خورشيد شاھ جي نوشھروفيروز ۾ پ پ جي فوتي اڳواڻن جي وارثن سان تعزيت

سنڌي خبرون 03rd Dec 2023 244 مناظر

خورشيد شاھ جي نوشھروفيروز ۾ پ پ جي فوتي اڳواڻن جي وارثن سان تعزيت

نوشھروفيروز (ڊ ر)پاڪستان پيپلزپارٽي جو اڳوڻو وفاقي وزير سيد خورشيد علي شاھ پاڪستان پيپلزپارٽي نوشھروفيروز پھچي يوم تاسيس تان موٽندڙ شڪارپور حادثي ۾ شھيد ٿيل تعلقه صدر شھيد خليفا شڪيل ميمڻ, سرگرم ڪارڪن شھيد مير نادر علي چانڊيو ,شھيد مظفر ڀٽو,شھيد جوجي سومرو ,شھيد ڳھڻو خان تڳر جي وارثن سان تڏي تي پھچي تعزيت ڪري ٽيجھي جي دعا گھري افسوس جو جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي سيد خورشيد شاه ڳالهائيندي چيو ته شڪار پور واقعي دل جھوري ڇڏي آھي الله شھيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي شھيد ٿيل ڪارڪن پارٽي جو سرمايو آھن شھيد ٿيندڙن جي وارثن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين اسان جو ساٿ سدائين گڏ هوندو۔ ان کان اڳ اڳوڻي ايم اين اي سيد ابرار علي شاه تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ