پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

گھوٽڪي ويجھو ڦر دوران مزاحمت تي ھڪ ڄڻو مارجي ويو

سنڌي خبرون 26th Sep 2023 384 مناظر

هٿياربند ڳوٺاڻي سيف الدين عرف عبدالجبار مھر گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار

گهوٽڪي ويجهو غلام محمد مھر شوگر ملز ڀرسان ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند ڳوٺاڻي سيف الدين عرف عبدالجبار مھر گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا, اطلاع تي ماٿيلو مومل جي ماڙي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿي ويل ڳوٺاڻي سيف الدين عرف عبدالجبار مهر جو لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو, ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺاڻو سيف الدين عرف عبدالجبار مهر کان هٿياربند ڦر ڪري رهيا هئا ته مذاهمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڳوٺاڻي کي قتل ڪري فرار ٿي ويا,
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ