جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

مورو پوليس پاران ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 08th Dec 2025 230 مناظر
مورو پوليس پاران ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ  جي دعويٰ
مورو (جاني جماڻي)مورو پوليس جو مبينا مقابلو هڪ ڄڻو نالي اظھر پٽ علي اڪبر ڪورائي زخمي حالت ۾ گرفتار سندس وٽان هڪ پسٽل ۽ چوري جي موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعوي زخمي نوجوان مورو اسپتال منتقل ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر ٻڌايو ته مورو نيشنل هاء وي نزد جمالي هائوس ريلوي لائين وٽ چار ڄڻا ڦر جي ارداري سان بيٺا هئا پوليس جي پوليس کي ڏسڻ سان ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني جڏهن ته رات جي انڌيري سبب پنهنجي ئي ساٿي جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو نالي اظھر پٽ علي اڪبر ڪورائي ويٺل ڳوٺ ڏتل خان ڪورائي ڪچو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي جنهن جي قبضي مان هڪ پسٽل گولين سميت ۽ هڪ لغاري ٿاڻي جي حد مان ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي آھي هن چيو ته گرفتار جوابدار مٿان مورو ٿاڻي سميت مختلف ٿاڻن تي ست ڪيس داخل ٿيل آھن ۽ رات جي انڌيري جو فائدو وٺندي سندس ٽي ساٿي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ايس ايڇ او علي اڪبر کوکر وڌيڪ ٻڌايو ته ايس ايس پي نوشھرو فيروز مير روحل خان کوسو جي سخت هدايتن تي پوليس جو ڏينھن رات گشت جاري آھي شھرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جو اولين فرض آھي، ٻئي طرف زخمي جوابدار کي مورو اسپتال مان طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاء نوابشاھ جي اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويندو،
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ