ہفتہ، 10 اکتوبر 2026
بریکنگ

گاجي کهاوڙ جي سنڌماڊل سيڪنڊري اسڪول ۾ جشن عيد ميلاد النبي صھ ملهايو ويو

سنڌي خبرون 01st Oct 2023 264 مناظر

ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد امت مسلم لاءِ خوشخبري هئي: استاد

گاجي کهاوڙ (رپورٽر) گاجي کهاوڙ جي سنڌ ماڊل سيڪنڊري اسڪول ۾ جشن عيد ميلاد النبي صلعم ملهائي وئي، ميلاد جي پروگرام ۾ ولادت آخري نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي تي روشني وڌي وئي، استادن مجاور حسين کهاو، علڻ خان کهاوڙ، محمد حسين ۽ ٻين استادن خطاب ڪندي چيو ته ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد امت مسلم لاءِ خوشخبري هئي.هنن چيو ته آخري نبي صلي الله عليه وآله وسلم امت مسلم لاءِ مشعل راهه آهي ، جنهن جي ڏنل واٽ تي هلڻ سان هن دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ملندي . تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين نعتون پيش ڪيون
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ