ہفتہ، 10 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ غازي ملڪ واسي عورتن جو احتجاج

سنڌي خبرون 18th Aug 2025 237 مناظر
نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ غازي ملڪ  واسي عورتن جو احتجاج

مڙس فوت ٿيڻ بعد ڪنهن به اسان جي وارثي ناهي ڪئي، ڌي جي شادي ڪرائڻ تي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن: ذڪيا ملڪ

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ غازي ملڪ جي جي رهواسي پيرسن عورتن ذڪيا ملڪ ۽ مريم ملڪ پريس ڪلب آڏو احتجاج ، تحفظ جي گهر ڪئي وئي آهي ان موقعي تي ميڊيا اڳيان دانهيندي عورت ذڪيا ملڪ چيو آهي ته منهنجو مڙس گذاري وڃڻ کان پوءِ اسان جي ڪنهن به وارثي ناهي ڪئي پر هاڻي مون پنهنجي ڌيءَ الهوسائي جي شادي محمد اشرف ملڪ سان ڪرائي آهي ته منهنجا ڏير منهنجي ڌيءَ جي ساهرن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ پنج لک روپين جي ڊمانڊ ڪري رهيا آهن جيڪو عمل غلط آهي هن چيو ته ڏير مبارڪ، علي حسن ملڪ ۽ انهن جا پٽ منهنجي نياڻيءَ جي ساهرن تي بنا جواز جي حملو ڪن ٿا جيڪو ظلم آهي هن چيو ته ڌيءَ جي شادي انهي ڪري مون عدالت ۾ ڪرائي آهي پر ڏير ڏاڍ ڪري ٽوڙائڻ جي ڪوشش پيا ڪن هن سيشن جج نوشهروفيروز ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته ڏيرن خلاف قدم کڻي منهنجي نياڻي ۽ ان جي مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ