بدھ، 14 اکتوبر 2026
بریکنگ

پي ٽي آءِ ڪراچي پاران القادر ٽرسٽ ڪيس جي سلسلي ۾ ملير ڪورٽ ۾ احتجاج

سنڌي خبرون 26th Jun 2025 314 مناظر
پي ٽي آءِ ڪراچي پاران القادر ٽرسٽ ڪيس جي سلسلي ۾ ملير ڪورٽ ۾ احتجاج
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان تحريڪِ انصاف ڪراچي پاران القادر ٽرسٽ ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ملير ڪورٽ ۾ وڪيلن ۽ عهديدارن سان گڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔احتجاج ۾ پي ٽي آءِ ڊسٽرڪٽ ملير جي قائم مقام صدر رائو اعظم، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ خالد محمود، ايڊووڪيٽ شوڪت ڀنڊ، شاهد علي خان، عطا ۽ صدر گڏاپ ٽائون عمير شاهد شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي ملير ڪورٽ جو احاطو احتجاجي نعرن سان گونجي اُٿيو۔ شرڪت ڪندڙن "رها ڪريو رها ڪريو، عمران خان کي رها ڪريو"، "هڪ رياست، ٻه آئين نامنظور"، "نه هو ڀڳو، نه بيمار قيدي نمبر 804" جا نعرا هنيا۔پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته عمران خان خلاف هلندڙ ڪيس سياسي انتقام جو حصو آهن، ۽ عدالتي انصاف جا تقاضا پورا نٿا ڪيا وڃن۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ