ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت

سنڌي خبرون 27th Jun 2025 182 مناظر
ڪنري جي ڳوٺ پونا ڀيل ۾ وڄ ڪرڻ سبب نينگري فوت
عمرڪوٽ (ڊ ، ر ) عمرڪوٽ جي تعلقي ڪنري جي يوسي نواب آباد جي ڳوٺ پونا ڀيل جي رهواسڻ 14 ورهين جي معصوم نياڻي کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿي وئي، ريسڪيو ذريعن موجب فوت ٿيندڙ نياڻي مظفر ٽالپر جي علائقي ۾ پنهنجي ڳوٺ مان ڍور ڍڳن لاءِ چارو کڻڻ لاءِ ٻنين طرف وئي هئي، ته اوچتو وسڪاري دوران آسماني بجلي مٿس ڪري پئي، حادثي کانپوءِ علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو، ڳوٺاڻا ۽ ريسڪيو ٽيم فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتا، پر نياڻي موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته گذريل ڏينهن کان عمرڪوٽ ضلعي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز وسڪاري سان گڏ گجگوڙ جاري آهي، جنهن سبب ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال ڇانيل آهي، سماجي حلقن ۽ انساني حقن واري تنظيمن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ماڻهن کي احتياطي اپائن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ مهم هلائي وڃي ته جيئن اهڙن جان ليوا واقعن کان بچي سگهجي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ