ہفتہ، 03 اکتوبر 2026
بریکنگ

قائد آباد ۾ جهيڙي دوران لٺين ۽ سيخن جو آزاداڻو استعمال، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي

سنڌي خبرون 10th Jan 2025 263 مناظر
قائد آباد ۾ جهيڙي دوران لٺين ۽ سيخن جو آزاداڻو استعمال، هڪ ڄڻو قتل، 3 زخمي

گوشت گهٽي ۾ فيصلي دوران ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ذوالفقار علي مارجي ويو

ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائد آباد ۾ ٻن ڌرين ۾ جھڙو، لٺين لوھي سيخن جو آزاداڻو استعمال ڇتي فائرينگ هڪ ڄڻو مارجي ويو 3زخمي، جھيڙو ذاتي دشمني سبب ٿيو آھي وڌيڪ ڪاروائي ڪري رهيا آھيون پوليس تفصيل موجب شاھ لطيف ٿاڻي جي حد قائد آباد گوشت واري گهٽي ۾ فيصلو هلندي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ گوليون لڳڻ سبب هڪ شخص ذوالفقار علي مارجي ويو جڏھن تي 3ڄڻا عمار ولد شجاعت. ساجد. وجاهت ولد محمد نور سخت زخمي ٿي پيا جھيڙي سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي فوتي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته جوابدار فرار ٿي ويا پوليس جو چوڻ هو ته ٻه ڏينهن ڪنهن ڳالھ تان ڌرين ۾ منهن ماري ٿي هئي جنهن لاء فيصلي نو جرڳو گهرايو ويو ھو فيصلي ۾ ھڪ ڌر رباني برادري تي فائرينگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٽي شديد زخمي ٿي پيا آھن ان سلسلي ۾ واقعي جي جانچ ڪري ڪاروائي ڪئي ويندي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ