منگل، 06 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز پريس ڪلب جي سالياني چونڊ جو مرحلو جاري

سنڌي خبرون 22nd Jan 2025 255 مناظر
نوشهروفيروز پريس ڪلب جي سالياني چونڊ جو مرحلو جاري
نوشهروفيروز(ڊ ر) پريس ڪلب نوشهروفيروز جي 2025 جي سالياني چونڊ جو مرحلو جاري آهي اليڪشن ڪاميٽيءَ جي چيئرمين ممتاز سولنگي وٽ آخري اطلاعن تائين جيڪي فارم جمع ٿيا هئا انهن ۾ صدر لاءِ محمد يونس راڄپر سينئر نائب صدر لاءِ مسرور چانڊيو نائب صدر لاءِ شاهد چنه جنرل سيڪريٽري لاءِ علينواز ناز سولنگي ڊپٽي سيڪريٽري لاءِ عطاحسين سمون پريس سيڪريٽري فقير ميهر بهڻ آفيس سيڪريٽري ذوالفقار تڳر خزانچي محبوب ڪلهوڙو آڊيٽر حميد سميع خانزاده ۽ لائبريرين لاءِ علي بخش پٺاڻ ٻوهيو جا جمع ٿيا آهن جڏهن ته اليڪشن مرحلي دوران ڪجھ شرپسندن پاران اليڪشن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ حملو ڪرايو ويو ان جي مذمت ڪندي اميدوارن چيو ته مخالفن وٽ جمهوري رستو اهو آهي ته اسان سان مقابلو ڪن باقي گنڊاگردي جو هر سطح تي مقابلو ڪيو ويندو حملي آورن جي فوٽيج ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪرائي ويندي۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ