بدھ، 07 اکتوبر 2026
بریکنگ

مڪلي لڳ ڳوٺ حاجي محمد الدين مري جي پرائمري اسڪول ۾ جشن آزادي جو پروگرام

سنڌي خبرون 12th Aug 2025 354 مناظر
مڪلي لڳ ڳوٺ حاجي محمد الدين مري جي پرائمري اسڪول ۾ جشن آزادي جو پروگرام

جشن آزادي معرڪه حق جي حوالي سان منعقد پروگرام ۾ ٻارڙن قومي ترانو ۽ ملي نغما پيش ڪيا

ٺٽو(شفيق ڀٽي)مڪلي سمينٽ فيڪٽري لڳ ڳوٺ حاجي محمد الدين مري جي پرائمري اسڪول ۾ يوم آزادي پاڪستان جي سلسلي ۾ اسڪول ٽيچر زاهده سولنگي جي اڳواڻي ۾ هڪ ننڍو پروگرام ٿي گذريو جنهن اسڪول جي ٻار پڻ وڏي انگ ۾ موجود هئا پروگرام جي آغاز ۾ ٻارن طرفان قرآن پاڪ پڙهي ڪيو ننڍڙن اسڪول ٻارن قومي ترانو ۽ ملي نغما به پيش ڪيا جڏهن ته پاڪستان زنده آباد پاڪ فوج زنده آباد جي نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صحافين اي بي شورو نقاش مسيع سان گڏ ڳوٺ حاجي محمد الدين مري جي پرائمري اسڪول ۾ پهچي اسڪولي ٻارن ۽ اسڪول جي ٽيچر جي حونصلا افزائي ڪئي جڏهن ته تعليم کاتو ٺٽو جي فوڪل پرسن حفيظ سميت ڳوٺاڻن يامين مري ٻين طرفان به پروگرام شرڪت ڪئي اسڪول ٽيچر معصوم اسڪول ٻارن کي شاباش ڏني
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ