منگل، 13 اکتوبر 2026
بریکنگ

عمرڪوٽ ويجھو وڄ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي

سنڌي خبرون 08th Sep 2025 176 مناظر
عمرڪوٽ ويجھو وڄ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، عورتن سميت ٽي ڄڻا زخمي
عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ ڀڏيلي ۾ رات دير سان برسات دوران کنوڻ ٿيڻ جي واقعي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورتن سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، خبر موجب کنوڻ ڪرڻ سبب مارو ولد ناگو ڪولهي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس زال ماروان، ناگو ولد نومجي ڪولهي ۽ شانتي ڌيءَ هيرو ڪولهي سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي، فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سموري ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ