جمعہ، 30 اکتوبر 2026
بریکنگ

مرڪزي جماعت اهلسنت ضلع شڪارپور جو اهم اجلاس، ضلع سميت چئني تعلقن جي باڊي چونڊي وئي

سنڌي خبرون 15th Nov 2023 101 مناظر

مرڪزي جماعت اهلسنت ضلع شڪارپور جو اهم اجلاس، ضلع سميت چئني تعلقن جي باڊي چونڊي وئي

شڪارپور (احسان ابڙو) مرڪزي جماعت اهلسنت ضلع شڪارپور جو اهم اجلاس جامعہ مجیدیہ تعلیم القرآن درگاہ شریف مفتی شڪارپور ۾ ٿي گذريو،جنھن ۾ ضلع شڪارپور سميت چئني تعلقن جي باڊي چونڊي وئي جنهن جي صدارت مرڪزي جماعت اهلسنت پاڪستان صوبہ سنڌ جي امير جان اہلسنت مفتي اعظم سنڌ حضرت علامہ مفتي محمد جان نعيمي ڪرڻ فرمائي ۽ خصوصي آمد مرڪزي جماعت اهلسنت پاڪستان صوبہ سنڌ جي چيف آرگنائيزر پيرطريقت رهبر شريعت پير سيد ضياء الله شاه جيلاني، حضرت قبلہ پیر سيد ضمير حسين شاھ جيلاني، ، پير صفدر علي سهروردي، مفتي محمد زبير احمد هزاروي، ، پيرطريقت علامہ مفتي محمد صدیق قادري علامہ لطف ﷲ قادري جن خصوصي شرڪت فرمائي.تمام دوستن جي متفق راء سان سال 2023 کان 2025 تائين مرڪزي جماعت اهلسنت پاڪستان ضلع شڪارپور جي لاءِ سرپرست اعليٰ جي لاءِ پيرطريقت حضرت قبله میان تنصیر احمد علوي ، امير مرڪزي جماعت ضلع شڪارپور لاءِ ميان سالم جان ھاشمي ، نائب امير اول سائين غلام مصطفي ٻرڙو ، نائب امیر دوئم علامہ رضا المصطفیٰ سکندری ۽ ناظم اعليٰ صاحبزاده حافظ فضل اللہ نورانی. نائب ناظم اعلیٰ عبدالغفور مصطفائی.خزانچي محمد آصف بلوچ.پريس سيڪريٽري خالد حسین شيخ کي مقرر ڪيو ويو. جنهن کي صوبائي صدر ۽ چيف آرگنائيزر پاران حلف کڻايو ويو. تعلقو شڪارپور.امير مولانا صبغت اللہ قادري.نائب امير فقير عزيز ﷲ حسيني.ناظم اعلیٰ امير احمد منگي حسيني.نائب ناظم اعلیٰ قاري اقبال احمد لاشاري.پريس ترجمانحافظ ذوالفقار علي ميراڻي.سيڪريٽري مالياتمحمد علي سومرو. تعلقو خانپور جي لاءِامير مولانا عبدالخالق مشوري.نائب امير زاهد حسين ميراڻي.ناظم اعلیٰ حافظ جاوید احمد سومرو.نائب ناظم اعلیٰ محمد سومرو منگي.پريس سيڪريٽري زينل العابدين.ماليات سيڪريٽري خادم حسين ميراڻي.ڳڙھي ياسين تعلقه پاران حلف کنيون ويو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ