جمعہ، 30 اکتوبر 2026
بریکنگ

پورٽ قاسم جون چونڊون، پيپلز ليبر يونين ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪارڪنن جو جشن

سنڌي خبرون 19th Dec 2024 216 مناظر
پورٽ قاسم جون چونڊون، پيپلز ليبر يونين ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪارڪنن جو جشن
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پورٽ قاسم چونڊون، پيپلز ليبر يونين ڪاميابي ماڻي ورتي، ڪارڪنن جو جشن، ورڪرن جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ، صدر لال شاھ تفصيل موجب پورٽ قاسم اٿارٽي چونڊن ۾ پيپلز ليبر يونين 584 ووٽ حاصل ڪري وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي ورتي آهي جڏهن ته يونائٽيڊ ورڪرز فرنٽ 370 ووٽ حاصل ڪري سگهي ڪاميابي جي خوشي ۾ ورڪرن جشن نعرن ۽ گيتن جي گونج ۾ جشن ملهايو ان موقعي تي ڪاميابي ماڻيندڙ يونين اڳواڻن یونین صدر لال شاھ، جنرل سیڪرتري شیر محمد بلوچ، چیف آرگنائزر علي اڪبر ڪلمتی ۽ ٻين چيو ته اڄوڪي ڪاميابي ورڪرن جي ڪاميابي اعتماد ڪرڻ تي ورڪرن جا مشڪور آهيون ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ورڪرن جي اميدن تي پورو لهي سگهون
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ