منگل، 06 اکتوبر 2026
بریکنگ

نوشهروفيروز پريس ڪلب جي 21 ميمبرن نئين باڊي کي جعلي باڊي قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌي خبرون 08th Jan 2025 223 مناظر
نوشهروفيروز پريس ڪلب جي 21 ميمبرن نئين باڊي کي جعلي باڊي قرار ڏئي ڇڏيو

نوشهروفيروز پريس ڪلب جي 21 ميمبرن نئين باڊيءَ خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪري ڇڏي

نوشهرو فيروز(ڊر)پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي 21 ميمبرن چيو آهي ته سال 2025ع جي آئين موجب اليڪشن ڪرائڻ بدران گذريل سال ڊسمبر ۾ جعلي باڊي ٺاهي عهديدار مقرر ڪيا ويا، جنهن خلاف پريس ڪلب جي 21 ميمبرن اڪثريت راءِ سان جعلي باڊيءَ خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪندي، نئين سال جي اليڪشن ڪرائڻ ۽ اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ حلف ناما جمع ڪرايا آھن ڊسمبر ۾ جعلي باڊي واري ليٽر ۾ عهديدار ڄاڻايل نائب صدر ميهر علي بهڻ، پريس سيڪريٽري حميد سميع، ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي ۾ ڄاڻايل ميمبرن قاضي ذوالفقار،ٍ خادم حسين مري ۽ ذوالفقار تڳر ٻڌايو ته باڊي ڪوڙي ٺاهي وئي آھي اسان ان جو حصو ناهيون ۽ آئين موجب اليڪشن ڪرائي وڃي پوءِ ڪامياب ٿيندڙ عهديدارن کي پريس ڪلب جي چارج ڏني وڃي. هوڏانهن اڪثريتي 21 ميمبرن جو چوڻ آھي ته جعلي باڊي ۾ شامل غلام مرتضيٰ تڳر، ڪشن راجا، مظهر خاصخيلي سميت هٿ ٺوڪيا ٺاهيل باڊي جي ٻيا عهديدار وضاحت پيش ڪن نه ته ٻي صورت ۾ سندن خلاف پريس ڪلب جي آئين مطابق ڪاروائي ڪئي ويندي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ