جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

پ پ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وزيراعظم هوندو: حڪيم ناصر خان دراني

سنڌي خبرون 03rd Sep 2023 87 مناظر

پ پ سان 40 سال پراڻو، محبت ۽ جنون تي ٻڌل تعلق آهي،ڪڏهن به نه ٽٽندو: صحافين سان ڳالهيون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي غريب، مسڪين ۽ پيڙهيل طبقي جي سڀ کان وڌيڪ خدمت ڪئي آهي، شهيد ڀٽو، شهيد راڻي، بيگم نصرت ڀٽو، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري تائين پ پ قيادت هر دور ۾ عوامي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ ڪنهن به قربانيء کان ناهي ڪيٻايو. اهڙن خيالن جو اظهار پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي سينيئر اڳواڻ حڪيم ناصر خان دراني ڪراچيءَ ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ئي ملڪ جو نئون وزيراعظم بڻجندو، ڇاڪاڻ ته غريب عوام سمجهي ٿو ته سندن تڪليفن، ڏکن سورن جي خاتمي جو منشور صرف شهيدن جي جماعت وٽ ئي آهي. ٻيون سڀ پارٽيون رڳو سياست چمڪائين ٿيون. سينيئر پ پ اڳواڻ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت 15 سالن دوران ڪراچي کان ڪشمور تائين صوبي جي عوام جي بهترين خدمت ڪئي آهي، عوام کي صحت، تعليم، امن امان سميت ٻين شعبن ۾ سهولتون فراهم ڪيون آهن، ان ئي بنياد تي ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزارت عظمي' جو منصب ماڻي سڄي ملڪ جي عوام جي خدمت جاري رکندو. حڪيم ناصر خان دراني وڌيڪ چيو ته ڪراچي جو ميئر مرتضي' وهاب ۽ ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد بلوچ شهر جي ترقي ۽ خوشحاليء لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيا آهن، جنهن سان شهر ۾ هاڻي حقيقي ترقي ٿيندي نظر اچي رهي آهي ۽ عوام به خوش آهي. جماعت اسلامي جڏهن به اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي ته واويلا ڪندي آهي، جڏهن ته پي ٽي آء کي هو سياسي جماعت نه ٿو سمجهي، عمران خان يهودين جو ايجنٽ آهي، سندس ايجنڊا پرڏيهي آقائن کي خوش ڪرڻ آهي. پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي سينيئر اڳواڻ حڪيم ناصر خان دراني پارٽيء سان پنهنجي وابستگيء بابت ٻڌائيندي چيو ته هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور کان پيپلزپارٽي جو حصو رهيو آهي، پارٽي سان سندس عشق آهي جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، ڄام صادق علي جي دور ۾ کيس گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو، سختيون سٺيون پر هڪ قدم به پوئتي نه هٽايو، شهيد راڻيء سان گڏ ڪم ڪرڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهندو آهيان، آصف علي زرداري پارٽي ڪارڪنن سان پيار ڪندو آهي، مرڻ گهڙي تائين پيپلز پارٽي سان گڏ رهي عوام جي خدمت ڪندو رهندس، جڏهن ته پارٽيء جا ڪيترائي اڳواڻ منهنجي عشق کي ڏسي " پ پ جو ديوانو" چوندا آهن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ