نوشھروفيروز ۾ بااثرن پاران معصوم ٻارڙِي جي ميت دفنائڻ کان مبينا روڪڻ خلاف وارثن جو احتجاج
ڳوٺ ڇٽل ڪلھوڙو واسڻ معصوم فوتي ٻارڙِي اقصيٰ ڪلھوڙو جي وارثن پاران ٺارو شاھ لنڪ روڊ تي احتجاج ڪيو ويو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ ڇٽل ڪلهوڙي جي رهواسين هڪ ورهين جي معصوم نينگري اقصي ڪلهوڙي کي مقامي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ٻارڙي جو لاش ٺاروشاهه لنڪ نوشهروفيروز روڊ تي رکي بااثر جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو روڊ بلاڪ ٿيڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون۔ ان موقعي تي معصوم ٻارڙي جي پيءُ عبدالغفار ڪلهوڙي ۽ ٻين چيو ته شاهن ڪلهوڙو زبردستي قبرستان جي زمين تي قبضو ڪيو ويٺو آھي جيڪو اسان کي پنهنجن پيارن جا لاش به دفنائڻ نه ٿو ڏئي سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ اسان کي پنهنجن پيارن کي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل شاهن ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته قبرستان سان گڏ زمين اسان ليز تي کنئي آھي اسان ڪنهن کي قبرستان ۾ لاش دفنائڻ کان ناهي روڪيو باقي پنهنجي زمين ۾ لاش دفن ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين انتظاميه ماپ ڪري قبرستان جي حصي واري زمين کي الڳ ڪري