اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽو پوليس پاران مھينو اڳ اغوا ٿيل عرفان عرف ماني مسيح کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

سنڌي خبرون 23rd Oct 2023 313 مناظر

عورتاڻي آواز تان ھرکجي اغوا ٿيل عرفان عرف ماني مسيح کي تيغاڻي گينگ اغوا ڪيو ھو: پوليس

ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي جي ڪرسچن ڪالوني جي رهائشي هڪ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڌاڙيلن جي چنبي ڦاٿل عرفان عرف ماني مسيع کي ٺٽو بازياب ڪرائي گذريل شام سندس وارثن حوالي ڪري ڇڏيو مغوي جي گهر ۾ خوش جي بهار موٽي آئي وارثن پاران خوشي ۾ ريلي ڪڍي جشن ملائڻ سميت ٺٽو پوليس جي حق ۾ وڏي نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي آئي حيدرآباد خصوصي حڪمن تي مغوي عرفان مسيع جي بازيابي لا۽ ٺٽو پوليس جي خاص ٽيم تشڪيل ڏني وئي جنهن وڏي ٽيڪنيڪل طريقي سان مسلسل مغوي کي اغوا ڪندڙ ڌاڙيلن جو پتو لڳايو جنهن ۾ خبر پئي ته ڌاڙيلن جو لوٽو تيغاڻي گينگ سان هو سندن لوڪيشن سرچ ڪرڻ سان گڏ ڌاڙيلن سان رابطي ۾ سندن سهولتڪارن جي پڻ ڊيٽا هٿ ڪئي وئي اهڙي ريت اسان ڪاميابي حاصل ڪري ڌاڙيلن جو گهيرا۽ تنگ ڪيو سندن رستا روڪ ڪري مجبور ڪيو جنهن بعد ڌاڙيل مغوي کي آزاد ڪري ڇڏيو مختلف ٺٽو پوليس جي سب کان وڏي ڪاميابي ڪاروائي قرار مهينو بازياب ڪرايل نوجوان کي سکر جي ڪچي مان بازياب ڪرايو گذريل هڪ رات اڳ ٺٽو پوليس مغوي کي سکر کان ٺٽي رواني ٿي جنهن وارثن حوالي ڪرايو ويو ياد رهي ته عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل ويل ٺٽي واسي نوجوان عرفان مسيح کي شڪارپور ۽ سکر جي ڪچي ۾ رکي ڌاڙيلن پاران مسلسل هڪ ڪروڙ روپيه ڀنگ جي گهر ڪندا رهيا, وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران ٺٽي ۾ احتجاج طور مسلسل ڪئمپ پڻ قائم هئي ڊي آئي جي حيدرآباد طارق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي ٺٽو آفتاب نظاماڻي پاران مشاورت بعد ٺٽي ضلعي جي خصوصي سينيئر پوليس آفيسرن تي مشتمل ٽيم تشڪيل ڏني ويئي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ