پیر، 12 اکتوبر 2026
بریکنگ

گهارو جي اي سي آفيس جي احاطي ۾ ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح

سنڌي خبرون 22nd Oct 2025 258 مناظر
گهارو جي اي سي آفيس جي احاطي ۾ ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو افتتاح

وڻ انسان جي بقا لاءِ نهايت ضروري آهن، وڻ لڳائڻ سان ماحول خوبصورت بڻجي ٿو: نبي بخش سولنگي

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ٺٽو اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي اي سي آفيس گهارو جي احاطي ۾ ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو باقاعدي افتتاح ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر نبي بخش سولنگي ڳالهائيندي چيو ته وڻ انسان جي بقا لاءِ نهايت ضروري آهن، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو ماحول خوبصورت بڻجي ٿو پر آلودگي ۾ به گهٽتائي اچي ٿي. هن چيو ته ضلعي انتظاميا پاران تعلقي سطح تي وڻڪاري مهم زور شور سان جاري آهي، جنهن جو مقصد علائقي کي سرسبز ۽ صاف ستھرو بڻائڻ آهي. هن شهرين، شاگردن ۽ سماجي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته هو به هن مهم ۾ ڀرپور حصو وٺي، جيئن ايندڙ نسلن لاءِ صحتمند ماحول پيدا ٿي سگهي. اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته وڻ اسان جي حياتيءَ جا محافظ آهن تنهن ڪري هر شهري کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ وڻ ضرور لڳائڻ گهرجي ته جيئن سنڌ سرسبز بڻجي سگهي.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ