اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

ابراهيم حيدري ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، لاسي پاڙي واسي روڊن تي نڪري آيا

سنڌي خبرون 18th May 2025 179 مناظر
ابراهيم حيدري ۾ پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ، لاسي پاڙي واسي روڊن تي نڪري آيا

رهواسين عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت ٽائر ساڙي احتجاج ڪيو، انتظاميه خلاف نعريبازي

ملير(رپورٽر) چونڊيل نمائندن ابراهيم حيدري کي پاڻي نه ڏنو, لاسي پاڙي جا رهواسي حميده ڪڏاڻي جي اڳواڻي ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه هئڻ ڪري احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا، ٽائرن کي باهيون ، مين روڊ بند احتجاج ۾ شريڪ عورتن ۽ٻارن پاڻي جا خالي ٿانو کڻي سخت نعريبازي، اقتدار ڌڻين کا پاڻي ڏيڻ جو مطالبو تفصيل موجب چونڊيل نمائندن ابراهيم جيدري جي لاسي پاڙي جا رهواسي حميده ڪڏاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻن مهينن کان پاڻي نه هجڻ خلاف احتجاج ڪندا رستن تي نڪري آيا ۽ ٽائرن کي باهيون ڏيئي مين روڊ بند ڪري ڇڏيو ان موقعي تي احتجاج ۾ شريڪ عورتن ۽ٻارن پاڻي جا خالي ٿانو کڻي سخت نعريبازي ڪندي اقتدار ڌڻين کا پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هن قهر جهڙي گرمي ۾ پاڻي بند ڪري ابراهيم حيدري لاسي پاڙي کي ڪربلا ٻنايو ويو آهي فوري طور پاڻي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ملير، ابراهيم حيدري جا رهواسي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪري رهيا اهن
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ