جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: عيد ڳوٺ مان مبينا کنڀجي ويل ٻن نوجوانن جا وارث پريشاني جو شڪار

سنڌي خبرون 14th Nov 2025 363 مناظر
ملير: عيد ڳوٺ مان مبينا کنڀجي ويل ٻن نوجوانن جا وارث پريشاني جو شڪار

محمد امين سيال ۽ آفتاب سيال کي پوليس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: وارثن جو الزام

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم ٿاڻي جي حد عيدو ڳوٺ مان 2 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوانن محمد امين سيال ۽ آفتاب سيال جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي محمد امين سيال جي ڀاءُ نديم سيال وڪيل سراج مشوري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي ڀاءُ محمد امين سيال ۽ ڀاڻيجي آفتاب سيال کي 2 ڏينهن اڳ رات جي وقت گاڏين ۾ سوار سول ڊريس ۾ سوار پوليس اھلڪارن گهران اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي هاڻي ڪال ڪري 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي هي سراسر ظلم زيادتي آهي اسان جي نوجوانن جي زندگين کي خطرو آهي خدشو آهي ته پوليس ٻنهي نوجوانن کي ڦل ڪرائي ڪري ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪندي اسان ايس ايس پي ملير ڊي آءِ جي اوڀر ايڊيشنل آءِ جي ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان سان انصاف ڪري نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي هن چيو ته جيڪڏهن نوجوانن کي آزاد نه ڪيو ويو انصاف نه مليو ته عدالت جو به دروازو کڙڪايو ويندو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ