پیر، 26 اکتوبر 2026
بریکنگ

ٺٽي جي چيئرمين ضلعي ڪائونسل عبدالحميد پنهور پاران گهارو جو دورو

سنڌي خبرون 22nd Aug 2025 353 مناظر
ٺٽي جي چيئرمين ضلعي ڪائونسل عبدالحميد پنهور پاران گهارو جو دورو

ضلعي ڪائونسل چيئرمين عبدالحميد پنهور گهارو جي برساتي پاڻي جي لنگهن جو جائزو ورتو

ٺٽو( شفيق ڀٽي)چيئرمين ضلعي ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور جو گهارو جو دورو صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري جي هدايتن تي ضلعي ڪائونسل چيئرمين عبدالحميد پنهور گهارو جي برساتي پاڻي جي لنگهن جو جائزو ورتو عبدالحميد پنهور چيو ته صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري پاران برسات متاثر شھرين کي هنگامي بنيادن تي ريليف فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيو ويون آھن ۽ عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آھي ايمرجنسي جي صورت ۾ شھري اسان سان سڌي ريت رابطي ۾ اچن سندن جائز مسئلا اوليت جي بنياد تي حل ڪيا ويندا انهيء موقعي تي وائيس چيئرمين ٽائون ڪميٽي گهارو مير بابو پنهور يوسي گليل جو ڇيئرمين غلام نبي شيخ نظير احمد خشڪ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ ھئا
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ