اتوار، 04 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير: ڊوائيس هولڊر جي مبينا ڌمڪين خلاف رزاق آباد واسين جو احتجاج

سنڌي خبرون 01st Dec 2025 316 مناظر
ملير: ڊوائيس هولڊر جي مبينا ڌمڪين خلاف رزاق آباد واسين جو احتجاج

وهاب گبول اقبال ڪلمتي سليمان شاه ۽ علي محمد شيخ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ۾ ڊوائيس هولڊر طرفان علائقي جي معزز ۽ سماجي اڳواڻ کي ڌمڪين ڏيڻ خلاف رزاق آباد جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ غريب عورتن پيسا ڪٽيندڙ ايجنٽ خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو تفصيل موجب ملير ۾ ابراهيم حيدري ٽائون ۾ بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ڊوائيس هولڊر طرفان غريب عورتن جا پيسا ڪٽڻ کان روڪڻ تي علائقي جي معزز ۽ سماجي اڳواڻ مشتاق گبول کي ڊوائيس هولڊر طرفان گٿا لفظ ڳالهائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ خلاف رزاق آباد جي رهواسين وهاب گبول اقبال ڪلمتي سليمان شاه ۽ علي محمد شيخ جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرو ڪندڙن جي هٿن مان پلي ڪارڊ هئا ۽ هو ايجنٽ خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايجنٽن غريب عورتن تهمينا، حبيبان، زرين خاتون، نجما ۽ ٻين کي ملندڙ پيسن مان ڪٽوتي ڪري رهيا آهن جن ۾ ڊوائيس هولڊر فدا بليدي سرفهرست جنهن علائقي جي معزز ۾ سماج سڌارڪ طرفان احتجاج ڪرڻ تي بدتميزي ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون آهن اهڙي عمل خلاف رزاق آباد جي رهواسين م سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙيل آهي هنن چتاءُ ڏنو ته ڄاڻايل رشوت خور ڊوائيس هولڊر خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويئي احتجاج جو دائرو وسيع ڪبو
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ