پیر، 05 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين جي چيئرمين سان ملاقات

سنڌي خبرون 04th Aug 2025 194 مناظر
ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين جي چيئرمين سان ملاقات

ڳوٺاڻن ۽ نوجوانن صحافي اي بي شورو حاجي قاسم شورو جي نگراني ۾ عبدالحميد پنهور سان ملاقات ڪئي

ٺٽو(رپورٽ شفيق ڀٽي)ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو عوامي خدمتن جو مرڪز بڻيل، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چئيرمين جي آفيس ۾ ٺٽي جي مختلف ماڳن ۽ ڳوٺن توڙي شهرن کان وڏي انگ ۾ عوام طرفان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي آفيس ۾ پهچي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چئيرمين عبدالحميد پنهور سان ملاقات ڪئي جڏهن پنهنجي مسئلن کان آگاه ڪيو، ان موقعي تي چئيرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنهور پنهنجي آفيس ۾ آيل ضلعي جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌا ان دوران ڪيترن ئي ماڻهن جي ننڍن مسئلن جي حل لا۽ ڪرڻ جا احڪام پڻ ڏنا مختلف شهرن ڳوٺن سميت يونين ڪائونسل گلمنڊه جي ڳوٺ صديق شورو ۽ ٻين ڳوٺن جي ڪيترن ڳوٺاڻن ۽ نوجوانن صحافي اي بي شورو حاجي قاسم شورو جي نگراني ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي چئيرمين کي پنهنجي مسئلن بابت آگاه ڪيو جنهن تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل شوراموري واسين کي يقين دياني ڪرائي ته سندن جيڪي به جائز مسئلا ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽو ٽان حل ٿيڻ جوڳا آهن انهن سمورن مسئلن کي مرحلوار حل ڪيو ويندو ته جئين ضلعي جي تمام شهرن سان گڏ ٻهراڙين وارن ڳوٺن کي به وڌ کان وڌ فائدو ڏئي سگهجي
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ