ہفتہ، 31 اکتوبر 2026
بریکنگ

ملير جي علائقي چشمہ ڳوٺ ۾ يومِ آزادي جي تقريب

سنڌي خبرون 14th Aug 2025 173 مناظر
ملير جي علائقي چشمہ ڳوٺ ۾ يومِ آزادي جي تقريب
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي علائقي چشمہ ڳوٺ ۾ يومِ آزادي جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ڪورنگي فشريز هاربر اٿارٽي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر شاهد اسلم مرزا سميت ٻين آفيسرن ۽ شخصيتن شرڪت ڪئي۔تقريب ۾ جي ايم نثار سومرو، جي ايم طارق عزيز، ايڊمن نجف علي بلوچ، انجينئر حاجي نور احمد رند، ايف سي ايس جي ڊائريڪٽر فاطمه مجيد ۽ يوسي چيئرمين عمران يوسفزئي پڻ موجود هئا۔ شاهد اسلم مرزا تقريب جو افتتاح ڪيو، جنهن ۾ اسڪول جي ٻارڙن به ڀرپور شرڪت ڪئي۔تقريب دوران پاڪستان جي آزادي جي اهميت ۽ معرڪي حق بابت تقريرون ڪيون ويون، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن ملي وحدت ۽ عوامي اتحاد جو عزم به ورجايو۔
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ