جمعرات، 08 اکتوبر 2026
بریکنگ

ھڱورجا ڀرسان صوفي بزرگ حضرت جنگ جليل جو ساليانو ٽن ڏينھن وارو عرس مبارڪ پڄاڻي تي پهتو

سنڌي خبرون 18th Feb 2026 366 مناظر
ھڱورجا ڀرسان صوفي بزرگ حضرت جنگ جليل جو ساليانو ٽن ڏينھن وارو عرس مبارڪ پڄاڻي تي پهتو

عرس مبارڪ جي ميلي جي آخري ڏينھن تي ملاکڙي جا بين الصوبائي مقابلا ٿيا، ملهه پهلوانن پاران زور آزمايو ويو

ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا ڀرسان صوفي بزرگ حضرت جنگ جليل جو ساليانو ٽن ڏينھن وارو عرس مبارڪ جو ميلو پنھنجي پڄاڻي تي پھچي ويو آھي عرس مبارڪ جي ميلي جي آخري ڏينھن تي ملاکڙو راند جا بين الصوبائي مقابلا ٿيا جنھن م سنڌ پنجاب جي ملھ پھلوانن نذير ڀاڳت. الطاف سولنگي.اصغر علي شاھ.الله بخش شيدي غلام علي سيال .فوجي ڀاڳت گلاب چنو سميت 50 کان وڌيڪ پھلوانن ملاکڙو م پنھنجا جوھر ڏيکاريا ملاکڙي جي فائنل راند ۾ نذير ڀاڳت مقابلو کٽي پھريون نمبر حاصل ڪري ورتو ميدان ۾ ملھ جي شوقينن کيس کي نوٽن جي برسات وسائي ڇڏي ۽ تاڙين جو خوب داد ڏنو جڏنھن ٻئي نمبر تي سيد اصغر شاھ ڪاميابي حاصل ڪئي ٽئين نمبر تي الله بخش شيدي مقابلو کٽي ورتو ملاکڙو راند جي فائنل ۾ ڪاميابي حاصل ڪندڙ پھلوانن ۾ ميلا ڪاميٽي جي اڳواڻن جي ڊي اي اڳواڻ سليم رضا سولنگي فقير راھب سولنگي ڌڻي پتو سولنگي .مھمان ٿي آيل صحافي اڳواڻن بچل ھنڱورو. غلام حسين چانگ شمن راڄپر.نذير سولنگي ۽ ٻين ملھ پھلوانن ۾ انعامات تقسيم ڪيا.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ