منگل، 27 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي حڪمن تي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران کير جي دڪانن تي ڇاپا

سنڌي خبرون 05th Dec 2025 363 مناظر
ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي حڪمن تي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران کير جي دڪانن تي ڇاپا
شڪارپور (احسان ابڙو)سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرون جو نوٽيس وٺندي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جي حڪمن تحت اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور محمد فيضان ظفر پاران سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي سکر جي ٽيم سان شڪارپور شھر ۾ غيرمعياري کير وڪرو ڪندڙ ملڪ شاپس جي خلاف ڪارروائي ڪندي عام عوام ۽ لڳاپيل دوڪاندارن جي سامھون سندن جي دوڪانن تي وڪرو ٿيندڙ کير جي ليبارٽري وين جي ذريعي چڪاس ڪئي ويئي جنھن ۾ (01) النعيم ڊيري تي وڪرو ٿيندڙ کير گھٽ معيار وارو ثابت ٿيڻ تي ڀاري جرمانو لڳايو ويو. جڏھن تہ (02) ماشاالله ملڪ شاپ تي وڪرو ٿيندڙ پڻ مڪمل غيرمعياري ثابت ٿيڻ تي کير ضايع ڪرڻ سان گڏوگڏ جرمانو بہ لڳايو ويو ۽ دوڪان پڻ سيل ڪيو ويو. (03) انسا فاسٽ فوڊ طرفان کاڌن ۾ غيرمعياري شيون استعمال ڪرڻ ۽ صفائي سٿرائي نہ رکڻ تي ڏنڊ لڳايو ويو. جڏھن تہ (04) ملڪ بار تي وڪرو ٿيندڙ کير معياري ۽ صحت بخش ثابت ٿيو. ۽ (05) گڊلڪ ڊيري شاپ تي وڪرو ٿيندڙ کير پڻ معياري ۽ صحت بخش ثابت ٿيو. جڏھن تہ (06) ڪراچي ملڪ شاپ نزد پلازه سينيما تي وڪرو ٿيندڙ کير پڻ گھٽ معيار وارو ثابت ٿيڻ تي ڀاري ڏنڊ لڳاڻڻ سان گڏوگڏ ۽ مدي خارج سوين ليٽر کير ضايع ڪيو ويو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ