بدھ، 14 اکتوبر 2026
بریکنگ

ھڱورجا ۾ هنري سکيا لاء عورتن ۾ سلائي مشينون ورهائڻ واري تقريب منعقد

سنڌي خبرون 04th Jan 2026 335 مناظر
ھڱورجا ۾ هنري سکيا لاء عورتن ۾ سلائي مشينون ورهائڻ واري تقريب منعقد

ملڪ جي ترقي لاء عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت آھي: پير ڪاظم علي شاهه لڪياري

ھڱورجا(رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو آھي ملڪ جي ترقي لاء عورتن کي بااختيار بنائڻ جي ضرورت آھي ۽ انھن کي پنھنجا حق ڏيڻا پوندا عورتن کي ھنري سکيا ڏئي اڳتي آڻڻ وارو عمل بھترين آھي ھڱورجا م سيد ارشاد احمد شاھ لڪياري ميموريل سينٽر ۾ هنري سکيا لاء عورتن ۾ سلائي مشينون تقسيم ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چيو آھي تہ قوم جي ترقي تڏنھن ممڪن ٿيندي جڏنھن عورتن کي با اختيار بڻايو ويندو ھن چيو ت فني تعليم ھنرمندي عورتن کي خودار .خودمختيار ء مضبوط بڻائي ٿي ايل سي ايف پاران نياڻين کي ھنر سيکارڻ ۽ وسيلن سان ليس ڪرڻ قبل ساراھ جوڳو قدم آھي ھن چيو ت حڪومت ۽ سماجي ادارن کي گڏجي اھڙن منصوبن کي وڌائڻ گھرجي جئين نوجوان نياڻيون تعليم سان گڏ ھنر حاصل ڪري سگھن.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ