ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران 19هين گريڊ جي 9 آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون
پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايم بي راجا ڌاريجو روينيو کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر
ڪراچي: سنڌ سرڪار پاران 19هين گريڊ جي 9 آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ايم بي راجا ڌاريجو کي روينيو کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو
سيڪريٽري روينيو واري عهدي تان جاويد سومرو کي بدلي ڪري کيس وزيراعلي انسپيڪشن ٽيم ۾ ميمبر مقرر ڪيو ويو
ناڻي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري اطهر ميمڻ کي بدلي ڪري کيس پي ايند ڊي ۾ ڊي جي مانيٽرنگ ايند ايويليشن مقرر ڪيو ويو
توانائي کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري سيف الله ابڙو کي بدلي ڪري بورڊ آف روينيو ۾ ڊائريڪٽر لارمس مقرر ڪيو ويو
آءِ ٽي جي ڊپٽي سيڪريٽري جنيد احمد کي بدلي ڪري کيس بورڊ آف روينيو ۾ ڊائريڪٽر ڳوٺ آباد مقرر ڪيو ويو
سهيل شهزاد ابڙو کي بورڊ آف روينيو مان بدلي ڪري کيس سيڙپڪاري کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو
بورڊ آف روينيو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر (پي آر سي) محمد خان کٽي کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم