بدھ، 28 اکتوبر 2026
بریکنگ

ڪراچي ۾ ميوزڪ ٽيچرز تي تشدد خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاجي ريلي

سنڌي خبرون 18th Sep 2025 182 مناظر
ڪراچي ۾ ميوزڪ ٽيچرز تي تشدد خلاف نوشهروفيروز ۾ احتجاجي ريلي
نوشهروفيروز (ڊ ر) گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ ميوزڪ ٽيچرن تي تشدد ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي توهين خلاف نوشهروفيروز ۾ فنڪارن پاران وڏي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن انصاف چونڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، جتي وڏي انگ ۾ گلوڪار ۽ فنڪار موجود هئا. مظاهرين جو مطالبو هو ته ميوزڪ ٽيچرن تي تشدد ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي توهين ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. گلوڪارن صوفي ڪلام ڳائي حڪومت کان انصاف جو مطالبو به ڪيو. فنڪارن جو چوڻ هو ته ميوزڪ ٽيچرن کي فوراً جوائننگ آرڊر ڏنا وڃن ۽ شاهه لطيف جي رسالي جي توهين بابت معافي طلب ڪئي وڃي. احتجاج ۾ فقير اعجاز خاصخيلي، نواب کھرل، فقير اعجاز علي خاصخيلي، فقير هادي بخش ڀٽ، فقير امداد علي جروار، فقير سبحان علي مگٺار، سجاد علي خاصخيلي، فقير غوث بخش تنیو، شهباز الداد زرداری، عامر علي چانڊيو، شمن علي ڍراج، فقير مظهر علي، حبيب الله، فقير علي نواز سولنگي، ايم ظفر تڳر، سيد اديب شاهه سميت 50 کان وڌيڪ فنڪارن شرڪت ڪئي. مظاهرين چيو ته جڏهن تائين ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ٿيندي، تيستائين احتجاج جاري رهندو.
شیئر کریں:

0 تبصرے

تبصرہ کریں

مطلوب خانہ
مطلوب خانہ